سنڌ: پسمنظر

سنڌ: پسمنظر

سنڌ پسمنظر

سنڌ: پسمنظر : سنڌ، تاريخ ۾ هڪ وڏو عرصو نه رڳو هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾، پر هڪ ’عظيم سنڌو شهنشاهيت‘ جي روپ ۾ قائم رهي آهي، جنهن جون حدون ڪڏهن وڌنديون ۽ ڪڏهن گهٽجنديون پئي رهيون آهن. 1843ع ۾ انگريزن برصغير جي ٻين علائقن وانگر سنڌ ملڪ کي پڻ پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽ چئن سالن بعد اُن کي بمبئي پرڳڻي سان ملائي ڇڏيو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ سنڌ کي 1947ع ۾ پاڪستان جي هڪ صوبي جي حيثيت ڏني وئي. قديم دور ۾ ’سنڌ شهنشاهيت‘ جون حدون سڄي ننڍي کنڊ تائين پکڙيل هيون ۽ وچئين دور ۾ به سنڌ ملڪ، ننڍي کنڊ جي وڏي حصي تائين پکڙيل هو ۽ ان جون حدون اتر ۾ ڪشمير تائين، ڏکڻ ۾ ڪاٺياواڙ تائين، اوڀر ۾ راجستان تائين ۽ اولهه ۾ مڪران ۽ ڪرمان تائين پکڙيل هيون. 1955ع ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ سنڌ جون حدون، اتر ۾ پنجاب صوبي جي علائقي بهاولپور تائين، اوڀر ۾ جيسلمير ۽ جوڌپور رياستن تائين، اولهه ۾ لسٻيلي ۽ قلات رياستن تائين ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ ڪڇ تائين پکڙيل هيون. سنڌ ملڪ جو نالو هزارين سالن کان دنيا جي مختلف سياحن ۽ تاريخدانن مختلف ٻولين ۾ مختلف اُچارن سان لکيو آهي، جنهن جا حوالا پهرين صدي عيسويءَ کان معلوم ٿين ٿا. يوناني تاريخدان ٽالمي (Ptolemy: 168-90ع) پنهنجي ڪتاب ’ڳاڙهي سمنڊ جي سياحت‘ (The Periplus of Erytherean Sea) ۾ ’سنڌ‘ جو يوناني اُچار ’سِنٿُس‘ (Sinthos) طور ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته هن ملڪ ’سنٿُس‘ مان واپاري ’ارينئن نار‘ (Gulf of Erinon) ۽ هڪ خطرناڪ اپسِمنڊ بارَڪ/ بئريڪ (Bay of Barake) کان گذرن ٿا. ٽالميءَ جي ڪتاب جي مترجم حاشين ۾ هن نار کي ’ڪڇ جو رڻ‘ ۽ اپسمنڊ کي ’ڪڇ جو نار‘ ڄاڻايو آهي. ساڳئي ڪتاب ۾ مترجم ’سِنٿُس‘ لفظ جي لاطيني صورت ’انڊوس‘ به ڄاڻائي آهي، جنهن لفظ مان ’انڊس‘ ۽ ’انڊيا‘ لفظ ٺهيا آهن. (Wynn George (Translation), Periplus of Erytherian Sea by Ptolemy, Huntingford, 1980.) نامور انگريز تاريخدان ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، هندستاني ذريعن جي آڌار تي لکيو آهي ته ٻي صدي عيسويءَ جي هڪ سٿين (Scythian) راجا ’رودرمان‘ (چستانا جي پوٽي) پنهنجي قبضي هيٺ آيل ايراضين مان هڪ کي ’سنڌو‘ ڪوٺيو آهي. عيسوي سن کان 1000 سال اڳ (ڪي اڃا وڌيڪ عرصو شمار ڪن ٿا) جي قديم ڪتاب ’رگويد‘ ۾ ’سنڌونديءَ‘ جي ساراهه ۾ نوَ (9) اشلوڪ ملن ٿا، جڏهن ته مهاڀارت ۾ ’سنڌو ۽ سؤوير‘ جي راجا جئدرٿ جو حوالو ملي ٿو، جنهن دروپديءَ کي اغوا ڪيو هو. قديم عرب تاريخدانن پنهنجين تاريخن ۾ سنڌ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. بلاذريءَ پنهنجي ڪتاب ’فتوح البلدان‘ ۾، احمد يعقوبيءَ ’تاريخ اليعقوبي‘ ۾، محمد طبريءَ ’تاريخ طبري‘ ۾، احمد دينوريءَ ’اخبار الطوال‘ ۾، ابن نديم ’الفهرست‘ ۾ ۽ البيرونيءَ ’ڪتاب الهند‘ ۾ سنڌ بابت تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ’ابن نديم‘ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ’الفهرست‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ’طب جا ڪيترائي سنڌي ڪتاب عرب ۾ مشهور هئا، جن مان ’ڪتاب سيرڪ‘ جو پهرين فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيو، جنهن بعد عبدالله بن عليءَ، وري ان جو فارسيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. طب جي سوين سنڌي ڪتابن جا عربيءَ ۾ ترجما ٿيا.‘ ياقوت حمويءَ پنهنجي ڪتاب ’مجمع البلدان‘ ۾ لکيو آهي ته ”سنڌ ۽ هند پاڻ ۾ ٻه ڀائر هئا، اهي ٻئي توقير بن يقطان بن بن نوح'>حام بن نوح جا پٽ هئا.“ ان کان سواءِ ستين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جو سفر ڪندڙ هڪ چيني سيـاح يئـان چُئانگ (Yuan Chwang) هـن مـلــڪ کـي ’سِـن تو‘ (Sin-tou) ۽ سنڌونديءَ کي ’سِنتو‘ (Sintu or Sin-tu) لکيو آهي. هو لکي ٿو ته، ”(ٻوڌي) ياتري مهيشورپور کان گُچالا ڏانهن ويندي اتر طرف تمام سخت ڏکئي علائقي مان گذري، ’سن- تو‘ ندي پار ڪري، ساڳئي نالي واري ملڪ ۾ پهتا.“ (Walter Thomas (Translation) On Yuan Chwang’s Travels in India 629-645 AD. Chinese Materials Center 1975.) ان ساڳئي حوالي ۽ سيد ابوجلال ندويءَ جي راءِ جو جائزو وٺجي ٿو ته ٻنهي ۾ هڪجهڙائي محسوس ٿئي ٿي. ابوجلال ندوي لکي ٿو ته، ”اهي سنڌ جا لوڪ ئي هئا، جن مان ڪن لوڪن، مصر، شام، عرب ۽ ايران جي علائقن ۾ وڃي وستيون ٺاهيون ۽ چين ۾ ’سندا بل‘ (Sindabal) نالي شهر اڏيو. چيني اچار موجب اهي عرب اپٻيٽ (Arab Peninsula) کي ’تا- سِن‘ (TA-TSIN) چوندا هئا ۽ ان حصي کي هندستان اندر ’سن تو‘ (Sin- tu) يا ’چن تو‘ (Chen- tou) چوندا هئا، جيڪو عربي سمنڊ ۽ ڪابل جي وچ ۾ هو، اهو ملڪ يقيناً ’سنڌ‘ هو. اڳتي هلي ابو جلال ندويءَ اندازو لڳايو آهي ته ”قديم مصر جي حوالي سان جيڪو طورسينن (Tur-Sinin) نالي جبل هو، ان جو مطلب به اهو هو ته ’سِن جي ماڻهن جو جبل‘، ابوجلال ندويءَ موجب ته هن جبل جي نالي ۾ پڻ سنڌ مان آيل ماڻهن جو اشارو موجود آهي، جنهن جو ذڪر بائبل (Exodus 16.1) ۾ پڻ آهي ته ’سِن‘ (Sin) جو ويران علائقو، ايلام ۽ سنائيءَ جي وچ تي آهي.“ علامه ندويءَ وڌيڪ لکيو آهي ته ”اتي آباد انهن (سنڌي) لوڪن جي ڪري جبل جو نالو ’طورسينن‘ مشهور ٿيو ۽ قديم مصريءَ ۾ انهيءَ جو اچار ’تا- سين‘ (Ta-Sin) ٿئي ٿو، جيڪو چيني اچار ’تا-سين‘ (Ta- Tsin) سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ ٻئي طرف سن-تو يا چن-تو (Chin- Tou) معنيٰ ’سِن (Sin) جي زمين‘ يا ’سنڌ‘ جي ماڻهن جي زمين.“ (حوالو- ماهه نو، مارچ- آڪٽوبر 1958ع ۽ مارچ 1959ع) مصر جي فرعونن ۾ هڪڙا بت پرست ۽ ٻيا واحد خدا کي مڃيندڙ هئا. ’فرو‘ لفظ ساڳيو ’پرو‘ يا ’پريو‘ آهي، يوناني لساني اثر جي ڪري ’پرو‘ مان ڦري ’فرو‘ بنيو. ان جو مطلب به ’وڏو‘ آهي، جيڪو اڄ به سنڌ ۾ مروج آهي. ’فراون معني فرعون‘ وڏو خاندان. ’اُون‘ شِوَ جو نالو آهي، جيڪو سنڌو سڀيتا جو واحد خدا آهي، جيڪو هر شيءِ ۾ وسي ٿو ۽ هر جڳهه تي موجود آهي. مولانا ابو الڪلام ’آزاد‘ قرآن شريف جي تفسير ’ترجمان القرآن‘ ۾ موهن جي دڙي جي واحد خدا جو نالو ’اُون‘ ڪري ڄاڻايو آهي. سنڌ جي قديم تاريخ، موجوده ننڍي کنڊ جي تاريخ آهي، جنهن جا اهڃاڻ قديم ڌرمي ڪتابن: رگ ويد، پُراڻن، توريت، پارسين جي مذهبي ڪتاب زند اوستا وغيره ۾ ملن ٿا. انهن ۾ سنڌ جي نالي بابت مختلف حوالا موجود آهن: بائيبل جي پراڻي عهدنامي يا توريت جي اڀياس دوران سنڌ جا نالا عبراني، سرياني ۽ يوناني ٻولين ۾ هئڻ ڪري رگ ويد، پراڻن توڙي تاريخ جي ٻين ڪتابن کان مختلف ملن ٿا، پر گهڻي ڀاڱي معنيٰ ۽ مقصد ساڳيو رکن ٿا. سيد سليمان ندوي پنهنجي ڪتاب ’عرب و هند ڪي تعلقات‘ (ص 11) ۾ لکي ٿو ته: اهل فارس ’سنڌ‘ کي ’هند‘ جي نالي سان سڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته پراڻي ايراني زبان ۽ سنسڪرت ۾ ’س‘ ۽ ’هه‘ پاڻ ۾ مٽجن ٿا، انهيءَ ڪري ’سنڌ‘ جو نالو ’هند‘ سڏجڻ لڳو. پر عرب سنڌ جي نالي کان واقف هئا، انهن سنڌ کي’سنڌ‘ جي نالي سان به سڏيو ۽ ڪن حالتن ۾ ’هند‘ به ڪوٺيو. فرينچن سنڌ کي ’اِند‘ ۽ سنڌوءَ کي ’انڊس‘ ڪوٺيو، جنهن مان اڳتي هلي ’انڊيا‘ جو لفظ ٺهيو. اهڙيءَ ريت ’انڊيا‘ تي ’سنڌ‘ تان ئي نالو پيو. قديم آثارن جي لحاظ کان پڻ دنيا جي ٻين تاريخي قدامت رکندڙ خطن جي ڀيٽ ۾ سنڌ هڪ شاهوڪار خطو آهي. سنڌ ۾ پٿر جي پراڻي دور کان وٺي ويجهڙائيءَ واري دور تائين جا ڪيترائي آثار موجود آهن، جيڪي سنڌ جي قدامت جو چٽو ثبوت آهن. انهن آثارن جي اڀياس مان سنڌ جي خوشحال ۽ سڌريل خطي هئڻ جا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا. سنڌو ماٿريءَ جي قدامت، مهرڳڙهه، آمري، ڪوٽڏيجي، موهن جي دڙي، هڙاپا، ڪاهوءَ جي دڙي، چانهونءَ جي دڙي، جهڪر جي دڙي، ڀنڀور، برهمڻ آباد/ منصوره ۽ لاکين جي دڙي ۽ ڪجهه ٻين کوٽائي ڪيل ماڳن ذريعي پنجن هزارن سالن کان ڏهن هزارن سالن تائين جا ثبوت ملن ٿا. کوٽائي ڪيل ماڳن مان مليل نوادرات سنڌ ۽ هند جي مختلف عجائب گهرن ۾ عام اڀياس لاءِ موجود آهن، جيڪي سڄيءَ دنيا لاءِ حيرت ۽ فخر جو ڪارڻ هئڻ سان گڏ، سنڌ جي قديم تاريخ کي سمجهڻ لاءِ اهم ذريعو پڻ آهن. ’رشيون ڪا آبائي وطن‘ (1926ع) جو مصنف لکي ٿو ته: ”عالمن کان جيتري قدر تحقيق ٿي سگهي آهي، ان ۾ سنسڪرت تصنيفات ۾ ’هند‘ جو لفظ نه مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته: اهلِ هند جا رهواسي پاڻ کي ’هندو‘ نه چوائيندا هئا. پر اهلِ فارس جي قديم ڪتاب ’زند اوستا‘ ۾ ’هندو‘ لفظ ملي ٿو، جنهن کي قديم فارسي ميخي خط جي ڪتبن ۾ ’هندس‘ لکيو ويو آهي، جنهن مان اندازو لڳائجي ٿو ته لفظ ’هندو‘ زند زبان جو لفظ آهي. اهلِ هند کي اهو لقب پهرين فارسين کان ۽ پوءِ ٻين قومن کان مليو. آرين جي ڪتاب ’رگ ويد‘ ۾ ڪيترن هنڌن تي ’سپت سنڌو‘ جو ذڪر آهي، جنهن جي معنيٰ ’سَت درياهه‘ آهي. ليڪن فارسين جي ’زند اوستا‘ ۾ ’هپت هندو‘ لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ ’ست نديون‘ آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو لفظ ’سپت سنڌوءَ‘ جي ڦِريل صورت آهي، ان ڪري انهيءَ ’هپت هندو‘ ديس جي رهاڪن کي ’هندو‘ لقب سان سڏيو ويو. يونانين ۽ لاطينين اهلِ هند کي ’اِنڊوئي‘ لقب سان سڏيو. يوناني لفظ ’اِنڊوئي‘ مطابق انگريزن وري هندن جي سڪونت واري ملڪ کي ’اِنڊيا‘ سڏيو. مسلمان تاريخ نويسن هندن جي ملڪ کي ’هندستان‘ جو نالو ڏنو. بهرحال ’هند‘ يا ’هندستان‘ جو اصل نالو ’سنڌ‘ تان ورتو ويو آهي. ’سنڌ‘ کي ’هند‘ جي نالي سان سڏڻ جي مشهوري، خاص ڪري مسلمان تاريخ نويسن ڏني آهي. هنن جتي به ’سنڌ‘ جو نالو کنيو آهي، اتي هنن سنڌ کي ’سند‘ ۽ ’هند‘ جي گڏيل نالي سان سڏيو آهي. هونئن نه ته بحرِ هند (هندي سمنڊ) وارا سامونڊي ٻيٽ يعني ’بحرِ سنڌ‘ (سنڌو ساگر) جا سامونڊي ٻيٽ ئي آهن.“ (شمس الدين قريشي، ڪتاب: ’آئينه قديم سنڌ‘) سنڌ پرڳڻو جيترو قديم آهي، ايترو ئي ان جو نالو قديم آهي. رگويد جهڙي جهوني پستڪ ۾ به اهو ئي نالو ڄاڻايل آهي. انهيءَ اعتبار سان چئي سگهجي ٿو ته سموريءَ دنيا جي ساهت ۾ ان کان آڳاٽو نالو ٻيو ڪو ڪونه آهي. اها سنڌ ئي آهي، جنهن ۾ سڀيتا جو سج آڳاٽي سمي ۾ اُڀريو هو، سڄي ننڍي کنڊ ۾ اها سنڌو ماٿر هئي، جنهن رگ ويد واري قديم دور کان به اڳ پنهنجي اعليٰ سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ سبب اهڙو ته نالو ڪڍيو، جو پوءِ سمورو ’هندستان‘، ’سنڌ‘ جي نالي پوئتان سڏجڻ ۾ آيو. سموري هندستان جي تاريخ، سنڌو ماٿر جي سڀيتا سان شروع ٿئي ٿي. نامور محقق ڀيرومل مهرچند لکي ٿو ته: ”قديم ايراني لوڪ سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) کان پري ڪين ويا، تنهنڪري جيڪو ملڪ ڏٺائون ته آريا لوڪ والاري ويٺا هئا، تنهن کي هندستان (هندو+آستان) سڏيائون. مطلب ته ’هندستان‘ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ’سنڌونديءَ وارو ملڪ‘. قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان جي سڌ پيئي. سڪندراعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا هئا، تن به سنڌو ماٿر ۾ رهندڙن کي ’سنڌو (هندو) سڏيو، پر اُچار ڦيرائي ’اِنڊو‘، ’اِنڊوئي‘ (Indoi) ڪيائون ۽ سڄي ملڪ کي ’انڊيڪا‘ (Indica) ۽ ’اِنڊڪوس‘ سڏيائون، پوءِ لاطيني ٻولي ڳالهائيندڙن سنڌوءَ مان ’انڊوس‘ جو اُچار ڦيرائي ’انڊس‘ (Indus) ڪيو ۽ هندستان کي ’انڊيا‘ (India) سڏيائون. سنڌ لفظ جا ڪيترن ئي قديم ڪتابن ۾ پڻ اڻ سڌا حوالا ملن ٿا، جن مان سنڌ جي ڪپڙي کي ’سنڊان‘ (’سنڌڻ‘) سڏيو ويو آهي، جنهن ڪپڙي لاءِ چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰعه کي به ان ۾ ويڙهيو ويو هو، جنهن جو ذڪر عيسائين جي قديم مذهبي ڪتاب ۾ پڻ ملي ٿو. انگريزي لفظ ’Sindon‘ اصل ۾ سنڌي لفظ ’سنڌڻ‘ آهي، جنهن جي معنيٰ سنڌ جي (ململ) اوڇڻ يا ويڙهڻ لاءِ ڪپڙو آهي. انهيءَ ساڳئي لفظ جو يوناني ٻوليءَ ۾ اچار ’سنڊون‘ آهي، جنهن جي معنيٰ به ساڳي آهي. (وڌيڪ ڏسندا: سنڌو سڀيتا، تهذيب ۽ موهن جو دڙو وغيره) سنڌو- سؤوير: سنڌو سؤوير، قديم وقت جو ڪلاسيڪي نالو آهي، جيڪو سنڌ ملڪ جي ماڻهن ۽ ان سان لاڳاپيل مخصوص طبعي ڀاڱن جي نسبت سان ملڪ جو نالو هو. محققن جو خيال آهي ته قديم وقت ۾ سنڌ ملڪ کي ’سنڌو‘ ۽ ’سؤوير‘ چوندا هئا. سنڌوءَ مان مراد ملڪ جو سنڌونديءَ جو هيٺانهون پاسو ملتان تائين، جيڪو اڄ به سنڌونديءَ جي پويان ’سنڌ‘ سڏجي ٿو. ’سؤوير‘ مان مراد سنڌونديءَ جو مٿيون ملتان وارو پاسو هو. ’سنڌو- سؤوير‘ کي تاريخ جا ڄاڻو جاگرافيائي اصطلاح پڻ چون ٿا. جنهن موجب سنڌونديءَ جي اولهه وارو علائقو ’سنڌو‘ ۽ سنڌونديءَ جي اوڀر وارو علائقو ’سؤوير‘ سڏيو ويندو هو. مهاڀارت ۾ جئدرٿ کي ’سنڌو ۽ سؤوير‘ جو راجا چيو ويو آهي. ان وقت اهي گڏيل علائقا هئا، جنهن جي تائيد البيرونيءَ پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ڪئي آهي. موهن جي دڙي مان لڌل هڪ مهر تي سؤوير بادشاهن جو بادشاهه (Sovier King of Kings) لکيل آهي. ان تي سنڌ جي حاڪمن وٽ چئن صوبن جي حاڪميت چئن ’شاهي عصائن‘ (King’s Scepter) جي صورت ۾ ڏيکاريل آهي. پروفيسر ’وان لو هنيسرن ڊي ليوو‘ پنهنجيءَ تحقيق ۾ ’سنڌو ۽ سؤوير‘ کي ٻه الڳ ڌار ۽ پاڙيسري ملڪ ڄاڻايو آهي. هندستان جي ڌرمي شاسترن ۾ وري ’سنڌو ۽ سؤوير‘ کي ’گاڏڙ ڌُر‘ ڄاڻايو ويو آهي، جتي جي ماڻهن کي ’آريا ورت‘ جي دائري کان ٻاهر جا مليڇ سڏيو ويو، يعني ’سنڌو- سؤوير‘ کي مليڇن جو ڏيهه سڏيو ويو. هي اشارو شايد هتان جي آڳاٽن ماڻهن يا دراوڙن ڏانهن آهي. احمد حسين دانيءَ چواڻي ٽين صدي عيسويءَ تائين هيءُ ڏيهه ’سنڌو- سؤوير‘ سڏبو هو، ٽين صديءَ ڌاري ڪشان سلطنت جي ڊهڻ ڪري ۽ سنڌوءَ جي دوآٻي ۾ ساسانين جي اچڻ سان اها تصوير آهستي آهستي بدلجي وئي. ’سؤوير‘ لاءِ تاريخدانن هيءَ به قياس آرائي ڪئي آهي ته البيرونيءَ پاران ڄاڻايل بيهڪ موجب ’سؤوير‘ اصل ۾ هاڻوڪي ملتان وارو پاسو ئي هو، جنهن پاسي اڄ به ڳالهائجندڙ ٻولي ’سرائڪي‘، ’سؤوير‘ سان هڪجهڙائي رکندڙ آهي؛ ان ڪري ’سرائڪي‘ شايد اصل ۾ ’سؤويراڪي‘ يعني ’سؤوير جي ماڻهن جي ٻولي‘ آهي، جيڪا بگڙي ’سرائڪي‘ سڏجڻ ۾ آئي. تاريخي تذڪرن توڙي حڪايتن ۾ مختلف وقتن تي ’سؤوير‘ جي حاڪمن جي نالن ۽ سندن گاديءَ جي هنڌن جي به نشاندهي ملي ٿي. قديم وقت ۾ هتي جي راجا جو نالو ’ڀرت‘ هو ۽ ’رورڪ‘ ان جي گاديءَ جو هنڌ هو. ٻئي هنڌ ’سؤوير‘ جي راجا جو نالو ’رودرائڻ‘ ملي ٿو. ان ئي دور ۾ قديم زماني جو ذڪر ڪندي هندستان جا پاڙيسري ملڪ: ’سنڌو‘، ’سؤوير‘ ۽ ’سبي‘ ڄاڻايا ويا آهن. ان وقت سؤوير جون ڏاکڻيون حدون سمنڊ تائين پکڙيل هيون، جتي سامونڊي جهاز بيهندا هئا. ان بيان مان ’سنڌو- سؤوير‘ ديس بابت قوي امڪان اهو نڪري ٿو ته هي اصل ۾ جاگرافيائي اصطلاح هو، جيڪو قديم ’سنڌ ملڪ‘ لاءِ سنڌونديءَ جي هيٺئين توڙي مٿئين ڀاڱي جي نسبت سان ڪتب آندو ويندو هو. سنڌو ماٿريءَ طور، قديم سنڌ جي سرحدن ۾ موجوده پاڪستان جي سموري ايراضي، ايران ۽ افغانستان جا ڪجهه حصا، ڪڇ ۽ گجرات (ڀارت) جا ڪيترائي علائقا شامل هئا. وقت گذرڻ سان مختلف سامراجن جي تسلط هيٺ اچڻ بعد سنڌ جي حدن ۾ ڦيرڦار ايندي وئي ۽ سرزمين ’سنڌ‘ جي ايراضي مختصر ٿيندي وئي. ڏهه هزار ق. م ۾ ڌرتيءَ تي چوٿون برفاني ۽ ٿڌ جو دور (Ice Age) 75 هزار ورهيه لاڳيتو هلي پورو ٿيو. انساني معاشي هلچل زور ورتو، نئين پٿر جي دور جي شروعات ٿي ۽ سنڌ ۾ 5 لکن ورهين کان گڏ گذران ڪندڙ شڪاري ۽ ڏوٿي لوڪن جانورن کي گهرو بنائڻ شروع ڪيو، جنهن سان مالوند ۽ زرعي دور ۽ ابتدائي انساني وسندين جي ابتدا ٿي. اها ابتدا مال ڌارڻ کان شروع ٿي، واڙ، ويڙهو، وسنءُ، وستي، گام، ڳوٺ، اهي جڳهيون هيون، جتي انسان مال سان گڏ وسرام ڪندو هو. 2500 ق. م کان 1500 ق. م تائين سنڌو سڀيتا پنهنجي انيڪ ورن واري روپ ۾ اُسري، سنڌو سلطنت جي روپ ۾ دنيا ۾ هاڪاري ۽ نامور ٿي. هڪ هزار ورهين ۾ هن جون حدون 15 لک چورس ميلن ۾ پکڙجي ويون. ايس. آر. رائو انهيءَ قديم سنڌو سلطنت جا چار وڏا پرڳڻا: ’سنڌو شهنشاهيت جو مرڪزي پرڳڻو‘، ’اولهائون پرڳڻو‘، ’اُڀرندو پرڳڻو‘ ۽ ’ڏاکڻو پرڳڻو‘ ڄاڻايا آهن، جن ۾ موجوده سڄو پاڪستان، خيبر لڪ ۽ بولان لڪ وارو اتر اُلهندو علائقو، آڪس وادي، گهگهر- سرسوتي، چتانگ، ستلج جو مٿيون سڄو علائقو، گنگا ۽ جمنا جي وادي، هريانا (اوڀر پنجاب)، اولهه راجستان، اتر پرديش، ميرٺ ۽ ڄمون، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ وارو اُپٻيٽ ۽ ڏکڻ گجرات جو مٿانهون سامونڊي پوٺو، اُن ۾ شامل هئا، جتان سنڌو سڀيتا جا ڪُل 2200 ماڳ (Indus Sites) مختلف دَورن جا لڌا آهن. هڪ هزار ق. م ۾ هن سنڌو شهنشاهيت تي راڻي دهشلا/ ڏهسري (دهسلا: دهه = ڏهه + سل= سر) جي حڪومت رهي هئي. 800 ق. م ۾ ايران مان سيميراس (Semiramis)، جنهن سان گڏ عراقي سپاهه به هئي، سنڌ تي حملو ڪيو، ان کي سنڌ جي حاڪم ويرسين (Verasen) ڀڄائي ڪڍيو. سنڌ جي حاڪم جو لقب استورپتي (Stavarpati) هو. يونانين سندس نالو استئبروبيٽس (Stabrobates) ڄاڻايو آهي، جيڪا اِستوَرپتيءَ جي ٻي صورت آهي. شڪست ملڻ کانپوءِ اهي ايراني ۽ عراقي جان بچائي مڪران جو پاسو ڏئي پنهنجي ملڪ وڃي پهتا. هڪ سؤ ورهين کانپوءِ سنڌ تي ٻيو حملو 700 ق.م ڌاري هوشنگ ڀيشداديه ڪيو. ايراني شهنشاهن ٻه سؤ ورهين جي ڪوششن ۽ هلائن کانپوءِ 600 ق.م ڌاري ايران جي ڪياني شهنشاهه، سائرس اعظم (555- 530 ق. م) سنڌ کي فتح ڪري پنهنجو ڏن ڀرو بڻايو. دارا اعظم جي زماني (530- 486 ق. م) ۾ سندس حڪومت جون سرحدون مصر جي ماٿري ۽ نيل درياهه تائين پکڙجي ويون ۽ ٻئي طرف مهراڻ ندي پار ڪري راجستان جي رڻ پٽ تائين سندس شهنشاهي سڪو هلندو رهيو ۽ سندس سلطنت دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت بنجي وئي. ”جڏهن دارا جي پٽ زرڪيسز (Xrxes) (486- 465 ق. م) يونان تي حملو ڪيو ته سندس لشڪر ۾ هِن ماٿريءَ جا سنڌي جوڌا وڏي انگ ۾ موجود هئا.“ هيروڊوٽس جي چوڻ موجب ”سنڌ جي سپاهين ۽ سوارن کي سوٽي ڪپڙا پاتل هئا. سندن هٿن ۾ بانس جون ڪمانون ۽ بيد جا تير هئا. جن جون اڻيون رُڪ جون هيون.“ (Goergoe Woodcock, The Greek in India, London, 1966) سڪندراعظم 324 ق. م ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو. ڪتاب ‘The Greeks in India’ ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ جي ٻڌ ڀڪشو ’آچاريه ڍنڍي‘ ساڻس گڏ هلڻ کان نابري واري کيس روحاني صدمو ڏنو، پر اروڙ کان هيٺ سنت ڪلياڻ (Calanus) سوسه تائين ساڻس هليو. واٽ تي ڪلياڻ اگهو ٿي پيو، چالاڻي مهل سڪندر کي چيائين ته ”هاڻ پاڻ بابل ۾ ملنداسين.“ هن جي لاش کي سڪندر جي فوج سلامي ڏني. سڪندر اروڙ جي ’راجا ماسيڪانس‘ کي شهيد ڪري، پاتال بندر ۾ سامبس (ڄام سمي؟) سان صلح ڪري، روانو ٿيڻ مهل پيٿان (Pethon) کي لاڙ جو حاڪم ڪري بابل پهتو، جتي ڪلياڻ جي اڳڪٿيءَ موجب سڪندر پنهنجا پساهه پورا ڪري وڃي ساڻس مکاميل ٿيو. (Goergoe Woodcock, The Greek in India, London, 1966) ڊاڪٽر راڌا ڪمل جي ڪتاب ‘The Age of Imperial Unity’ موجب ”321 ق.م ۾ لاڙ- سنڌ مان يونانين خلاف چندرگپت موريا جون گوريلا ڪارروايون شروع ٿيون. جارج ووڊ ڪوڪ موجب ”انهن گوريلا ڪاررواين جي نتيجي ۾ پيٿان درياهه ٽپي بلوچستان ۾ ساهه وڃي پٽيو ۽ اتان آرڪوشيا (قنڌار) ڏانهن ڀڄي ويو. سنڌ ۾ يوناني حڪومت ستن سالن ۾ پڄاڻيءَ تي پهتي، 306 ق. م ۾ سيليوڪس نئڪٽر سنڌو ڪناري تي اچي چندرگپت موريا سان ٺاهه ڪري پنهنجي ايراني زال مان ڌيءَ ’بندوسار‘ کيس پرڻائي ڏني، جنهن مان اشوڪ اعظم جنم ورتو. سنڌ جي انهن موريا حاڪمن سنڌو سلطنت جون حدون ساڳيون قائم رکيون، جيڪي 1500 ق. م ۾ سندن وڏن، عظيم سنڌو سڀيتا واري سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي صورت ۾ قائم ڪيون هيون. سال 187 ق. م ۾ چندرگپت جي اولاد مان شهنشاهه بِرهدرٿَ موريا (Brihadratha Maurya) کي برهمڻن جي سازش سبب پيشيه متر نالي هڪ درٻاريءَ قتل ڪيو. ان کانپوءِ موريا شاهي گهراڻي جي شهنشاهت کي زوال آيو ۽ باختر (بلخ) جي يونانين هلائون شروع ڪيون. موهن راڄ واري سنڌو شهنشاهيت کانپوءِ جُڙيل ’موريائي سنڌو شهنشاهيت‘ کي زوال آيو. ان جي نتيجي ۾ موجوده پاڪستان جي ايراضيءَ وارو علائقو پاتال بندر سوڌو الڳ انتظامي صورت وٺي بيٺو. باختر جي يونانين مان ڊيميٽريس اول قنڌار وٽان بولان لڪ لنگهي افغانستان ۾ موجود ’چالوڪ موريا‘ جي پڙپوٽي سڀاڳ سين کان لاڙو ڪري بلوچستان فتح ڪري، مڪران پهتو، اتان عربي سمنڊ جي ڪناري سان ٿيندو پاتال بندر جي ڏکڻ ۾ پهتو ۽ ان کي مستقل طور مرڪزي ماڳ ٺاهي، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين جو علائقو فتح ڪيائين. هن جي وفات 165 ق.م ۾ ٿي. سندس پٽ ائگٿوڪلس (Agathocles) گجرات ۽ کنڀات فتح ڪري، اتر سنڌ کان ٿيندو وڃي ڪشمير پهتو. جنهن کانپوءِ مينادراعظم شهزادي ائگاٿون ڪليئا پرڻجڻ جي ڪري، قـديـم سـنڌ، ڪاٺيـاواڙ کان ڪـشميـر تائيـن جو حاڪـم ٿيو. سـندس پـٽ اپولـوڊوٽـس (Apollodotus) سـنـڌ، سـوراشـٽـر، ڪـڇ، ڪاٺياواڙ، بڙوڇ، کنڀات ۽ گجرات جو حاڪم ٿيو. سنڌو سلطنت جي حاڪمن ۾ مينادراعظم عالمي شهرت حاصل ڪئي. هن جي دور ۾ سنڌو سلطنت جو واپار وچ اوڀر کان وڌي يورپ تائين پکڙيو. هن جا سونا سڪا ويلس جي سامونڊي ڪنارن تان لڌا آهن. اپولوڊوٽس پنهنجي ويڳي ڀاءُ جي مٿرا ۾ ڀڪشو بڻجڻ کانپوءِ، پاتال (لاڙ) مان سنڌو درياهه مان اوڀارو سفر ڪري اچي ديري غازي خان پهچي، سنڌ جي سرحدي ڇانوڻي قائم ڪئي هئي. اتان روانو ٿي اٽڪ پهتو. باغي ۽ قابض انٽيالسيڊس کي ڀڄائي، ٽيڪسيلا، آرڪوشيا ۽ افغانستان تي قبضو ڪري گنگا جمنا تائين پنهنجي ويڳي ڀاءُ جي ڇڏيل سلطنت هٿ ڪيائين. هن جهوناڳڙهه ۾ هڪ وڏو وهار جوڙايو، جتي 90 ق.م ۾ وفات ڪيائين. (George wood cock, “The Greek in India”, London, 1966, Page 123 سال 90 ق. م ۾ اپولوڊوٽس جي چالاڻي کانپوءِ ’سٿين لوڪن سنڌ‘ ڏانهن ڪاهه ڪئي. اپولوڊوٽس جي ٽن سُورهيه پٽن لڳاتار ڏهه سال سٿين قبيلن جي ڪاهن کي روڪيو. هي پنهنجن سئوٽن سوڌو مڪران جي جنگي ميدانن ۾ وڙهندي وطن تان قربان ٿيا. اسٽريٽو اول جيڪو سنڌو سلطنت جو وڏو ڏيا وارو بادشاهه هو، ٻڌ ڀڪشو بڻجي ويو، ۽ پنهنجي پوٽي اسٽريٽو ثانيءَ جو راڄ گرو هو. 70 ق.م ۾ سٿين سندس خاتمو آندو. ساڪ/ سٿين (Sacians/ Scythians) نسلي طرح روسي ترڪستان جا تاتاري ترڪ هئا. هي هرات کان دجله تائين ايرانين سان جهيڙيندا، نيٺ اوڀر ايران- سيستان (ساڪستان) ۽ بلوچستان تي قابض ٿيڻ ۾ ڪامياب ويا. 20 ق.م ۾ سٿين گڊروشيا (مڪران) جي ساحل کان سنڌ ڏانهن رخ ڪيو ۽ ڀنڀور کي مرڪزي بندر بڻائي، مينا ننگر تي قبضو ڪيو. هنن سٿين لوڪن ڪڇ (ساڪا ديپ)، ڪونڪن، سوراشٽر، مهاراشٽر تي به قبضو ڪيو ۽ پوءِ پنهنجن تابعدار اڀير انتظامي اهلڪارن کي اهي علائقا حوالي ڪري مهراڻ جي ڪنارن سان هلندا، اتر جي يوناني حاڪمن کي تابع ڪندا، ڪشمير، ڪمبوح ۽ ڪافرستان تائين سموريون ماٿريون قبضي ۾ ڪندا، سنڌو ماٿريءَ تي ڇانئجي ويا ۽ ان ريت سوات کان وٺي سنڌي سمنڊ تائين سڄو ملڪ انڊو سٿيا/ سنڌو سٿيا (Indo Scythia) سڏجڻ لڳو. سٿين لوڪن جو پهريون حاڪم موئيس (Maues) هو، جنهن 20ع ۾ چالاڻو ڪيو. ان کانپوءِ ايزس (Azes) 29ع تائين حاڪم رهيو. سندس پٽ ايلش 40ع تائين ۽ ان جو پوٽو ايزلس (Azilses) 50ع تائين آخري بادشاهه رهيو. هن جا سڪا ’کروشتي لپيءَ‘ ۾ لڌا ويا آهن. چيني ترڪستان ۾ ’يو- چي‘ (Yueh-chi) قبيلي جي سردار پاڻ کي ’ڪوچانگ‘ (Kouci- Choung) سڏايو. هي قبيلو پنهنجي لشڪر سان باختر کي اُجاڙيندو، ٿٻيٽ کي لتاڙي، چترال کان ٿيندو، ڪشمير ۾ داخل ٿيو ۽ ’ڪشن‘ (Kuei- Shuang) نالي سان مشهور ٿيو. سندن سردار ’ڪادفيس اول‘ جي پٽ ’ويما ڪادفيس ٻئي‘ 65- 78ع ۾ سڄي سنڌو ماٿريءَ کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو. ٽيڪسيلا مان سندس 78ع جو لکيل ڪتبو هٿ آيو آهي. ڪنشڪ اعظم ويماڪادفيس پاران مٿرا جو حاڪم مقرر ٿيل هو. هن جا ڪتبا سئي وهار (بهاولپور) مان لڌا آهن. هن سنڌ، گجرات، مالوا ۽ راجسٿان تي به حڪومت ڪئي. سندس سوڀن جو ذڪر چين ۽ ٿٻيٽ جي تاريخن ۾ به نظر اچي ٿو. 78ع ۾ هو شهنشاهه ٿيڻ کان اڳ انهيءَ سڄي علائقي جو وائسراءِ هو. هيون تسانگ موجب هن پامير کان وٺي وچ ايشيا وارا ملڪ فتح ڪري ورتا هئا. هن وٽ هڪ وچ ايشيائي شهزادو وائس ’اول‘ طور رهندو هو. هن چين جي شهنشاهه هوتيءَ (89- 105ع) جي ڌيءَ (شهزاديءَ) جو سڱ حاصل ڪرڻ لاءِ ستر هزار فوج سان ڪاهه ڪئي، پر جنرل پنجوءَ هٿان مات کاڌائين. ڪنشڪ جي ڪجهه چڱن ڪمن ۾ سندس سنبت (سن) جاري ڪرڻ آهي، جيڪو گجرات ۽ اجين جي جينين معرفت دکن تائين جاري ٿيو. ڪنشڪ جي دور ۾ پالي ٻوليءَ کي وڏو اوج مليو. جهوناڳڙهه ۾، هڪ قديم ماڳ تان مليل ڇِپ تي اڪريل لکت ملي آهي، جنهن موجب ’سنڌو- سؤوير ملڪ‘ راجا مهاڪشترپ رودرماڻ جي حڪومت هيٺ رهيا هئا. اها لکت 150ع جي آهي. ان کانپوءِ واري دؤر ۾ سنڌو- سؤوير ديس تي ڪشن گهراڻي جي حاڪمن جو قبضو رهيو. ڪنشڪ جي پٽ هرشڪ (Huriska) جي حڪومت، ڪابل مان لڌل هڪ ڪتبي موجب افغانستان ۽ وچ ايشيا تي قائم هئي. هڪ ڪتبي ۾ هن پاڻ کي ڏاڏي ڪادفيس جو اولاد چوايو آهي. هن ’واسديو‘ جو لقب به اختيار ڪيو ۽ اهي لقب واسديو ۽ ڪنشڪ تائين لاڳيتو نظر اچن ٿا. ڪنشڪ ٻئي کانپوءِ وري واسديو ٻئي (176-158ع) جي حڪومت رهي، جنهن جا کروشتي عبارتن وارا سڪا، موهن جي دڙي واريءَ مٿينءَ سطح تان لڌا آهن. ڪِشن خاندان ان کانپوءِ داڻو داڻو ٿي وکرجي ويو، سندن رڳو نالا ۽ سن لڀن ٿا، سندن پونيرن ايراني تسلط هيٺ ڏن ڀرو علائقائي صوبيدارن جي حيثيت طور وقت گذاريو. پارٿين (پهلوي: Parthians) لوڪن مان گنڊوفر سن 21ع کان خراسان (پارٿيا) مان اٿيو ۽ هن خيبر لڪ تان يونانين جو قبضو ختم ڪرايو، هن کي سينٽ ٿامس (Saint Thomas) 29ع ۾ ڪرستان مذهب ڏانهن راغب ڪيو. هن سن 46ع ۾ سنڌ کان اتريون سڄو علائقو ’انڊونيشيا‘ تائين ڦري ورتو. هي واحد حاڪم هو، جيڪو ٻڌ مذهب جو پيروڪار نه بڻيو، نه ته موريا کان وٺي ڪشن گهراڻي جا سمورا حاڪم ٻڌمت جا پيروڪار هئا ۽ انهن مان ڪي ته حاڪميت ڇڏي وڃي ڀڪشو بڻيا هئا. ڪشن ۽ ساساني حاڪم ايرانين سان مٽين مائٽين ۾ گڏجي ويا. واسديو ڇهين جي نياڻيءَ سان ساساني شهنشاهه هرمز ٻئي (310- 301ع) وهانءُ ڪيو. پڇاڙيءَ وارا ڪشن حاڪم اڀرنديءَ سنڌ ۾ ساساني حاڪمن جي پاڇي هيٺ تڳندا رهيا ۽ ٻڌمت جي اثر هيٺ بي نام ٿي ويا. ايراني حاڪمن سنڌ جي ٻڌمت سان ڪا به هٿ چراند نه ڪئي، نه ئي مجوسي مذهب جي تابعداريءَ ڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا. ان هڪ هزار ورهين ۾ ٻڌمت وارن اعليٰ ۽ انساني قدرن وارو ادبي اثاثو جوڙي ورتو هو، جنهن کي اڳتي هلي برهمڻن بدلائي، پنهنجو فڪري اثاثو بڻائي ڇڏيو. (Dr. R. K. Mokerji, “Imperial Unity”, Bombay, 1953,General Editor, Dr. R. C. Majumdar) ان کانپوءِ راءِ گهراڻي 450ع ۾ ساسانين حڪمرانن سان سرڪشي اختيار ڪري، پنهنجي اباڻي سنڌو شهنشاهيت بحال ڪرائڻ جا جتن شروع ڪيا. راءِ گهراڻو سمن ۽ سومرن جو اباڻو ۽ بنيادي گهراڻو هو، هي راءِ گهراڻو، چندرگپت موريا ۽ موهن راڄ جي حاڪمن جي پونيرن مان هو. سومرا چندرگپت موريا جا پونير هئا. هن گهراڻي 450ع کان 652ع تائين حڪمراني ڪئي. راءِ گهراڻي کان برهمڻ گهراڻي (652- 712ع) سنڌو شهنشاهيت حاصل ڪئي. هي پهريون وڏو دور هو، جنهن ۾ شومت، ٻڌمت ۾ تبديل ٿيو، آريائي عقيدا، برهمڻ ازم ۽ اسلام، سنڌ ۾ فاتحانه انداز ۾ روشناس ٿيا ۽ سنڌ جو دراوڙي شِومت ’ٻاجهاري ڌڻي‘ (God of Love) ۽ ٻاجهاري ٻُڌ کان هٽي، آريائي اهنسڪ رُخ اختيار ڪيو. عرب دَور ٽن مرحلن: بنو اميه، بنو عباس ۽ هباري دَور کانپوءِ 1010ع ۾ پڄاڻيءَ تي پهتو. عرب مؤرخن جي تحريرن مان پتو پوي ٿو ته هندي وڏي سمنڊ وارا ٻيٽ سنڌ جي نالي سان سڃاتا ويندا هئا. ’چچنامي‘ مان قديم سنڌ جي وسيع حدن جي ڄاڻ پوي ٿي، جيڪي هڪ طرف ڪشمير تائين، ٻئي طرف مڪران تائين ۽ ٽئين طرف ڪاٺياواڙ، سوراشٽر ۽ موجوده هند جي ٻين علائقن تائين پکڙيل هيون. سن 1010ع کان 1350ع تائين سومرا راڄ رهيو. سومرا راڄ جو انت سنڌونديءَ جي رُخ مٽائڻ ۽ سمن جي مٿن سوڀ حاصل ڪرڻ سبب آيو ۽ سما راڄ شروع ٿيو. سما سلطنت جي پڄاڻي 1520ع ۾ ٿي. هي ٻئي دَور (سما ۽ سومرا دور) سنڌ جي زرعي، سماجي، اقتصادي، ادبي ۽ ثقافتي ترقيءَ جا شاهڪار دَور هئا، جن کانپوءِ لاڳيتو 180 ورهيه ارغون، ترخان، مغل نواب سنڌ تي راڄ ڪندا رهيا. انهن کان ڪلهوڙن 150 ورهين جي ويڙهاند کانپوءِ 1700ع ۾ سنڌ جي حڪومت حاصل ڪئي. ڪلهوڙن بعد 1781ع ۾ ٽالپر سنڌ جا حاڪم بڻيا. انگريزن17 فيبروري 1843ع ۾، مختصر جنگ ۾ سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن کي شڪست ڏئي، سنڌ کي پنهنجي قبضي هيٺ آندو ۽ چئن سالن بعد 1847ع ۾ سنڌ جي ملڪي حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پرڳڻي جو حصو بڻائي ڇڏيو، جنهن خلاف سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار پرڳڻي جي حيثيت حاصل ٿي. ان دوران انگريز سامراج خلاف برصغير وانگر سنڌ ۾ به آزاديءَ جي تحريڪ هلي، جنهن ۾ ’خلافت تحريڪ‘، ’هجرت تحريڪ‘ کان وٺي ’حر تحريڪ‘ ۽ ’پاڪستان تحريڪ‘ تائين هڪ وڏو داستان موجود آهي. سنڌ جي ماضيءَ واري حيثيت جي بحاليءَ جي جدوجهد ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود رهي، خود 1940ع جي قرارداد ۾ آزاد پاڪستان ۾ سنڌ جي هڪ خودمختيار رياست واري حيثيت ڄاڻايل هئي، پر 1947ع تائين پهچندي، 1946ع ۾ پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ ’رياستون‘ لفظ بدلائي ’رياست‘ لفظ شامل ڪري تبديلي آندي وئي ۽ نيٺ 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌ کي موجوده پاڪستان جو هڪ صوبو بڻايو ويو. 1954ع ۾ پاڪستان ۾ ونيونٽ لاڳو ڪري، سنڌ جي صوبائي حيثيت به ختم ڪئي وئي، جنهن خلاف اهل سنڌ تاريخي جدوجهد ڪري، 1 جولاءِ 1970ع تي سنڌ جي صوبائي حيثيت ٻيهر بحال ڪرائي. موجوده سنڌ صوبو 26° 6 0 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 30 0 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. سنڌ جي موجوده ايراضي 140914 چورس ڪلوميٽرن (54407 ميل) تي پکڙيل آهي. سنڌ ۾ هن وقت ڪراچيءَ جي 6 ضلعن سميت ڪل 29 ضلعا آهن، ۽ 6 ڊويزنون آهن. صوبي جي آبادي، غير سرڪاري انگن اکرن موجب 4,24,00,000 آهي. سنڌ جي مکيه ۽ قومي ٻولي ’سنڌي‘ آهي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ سرائڪي، ڪڇي، گجراتي، اردو، پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو پڻ آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو